برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي ايويئيشن سيفٽي ايجنسي (EASA) يورپي هوائي ڪمپنين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته هو نار ملڪن جي هوائي حدن ۾ اڏامن کان پاسو ڪن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نار ملڪن جي هوائي حدن ۾ شهري اڏامن کي امڪاني ميزائل ۽ ڊرونز حملن سبب خطرا آهن، تنهن ڪري يورپي هوائي ڪمپنين کي گڏيل عرب امارتن، بحرين، ڪويت، قطر ۽ عمان جي هوائي حدن مان نه گذرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل هفتي به ايران، عراق ۽ لبنان جي هوائي حدن بابت ساڳئي نوعيت جي حفاظتي هدايت جاري ڪئي وئي هئي.
You might also like