ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرپورخاص ۾ جعلي مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي قتل ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جوابدارن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي .عدالت ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ايف آءِ اي کي اهڙن ڪيسن ۾ نئين ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو اختيار ناهي، عدالت چيو ته قانوني غلطي جي بنياد تي جوابدارن کي فائدو نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪيس قانون موجب جاري رهندو، عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صرف جاچ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، عدالت نئين ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو ڪو به حڪم نه ڏنو هو، عدالت چيو ته ايف آءِ اي کي حراستي تشدد ۽ موت جي قانون تحت نئين ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو اختيار ناهي، عدالت چيو ته موجوده ڪيس ۾، پوليس جي پهرين ايف آءِ آر منسوخ ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي ڪيس جو چالان پڻ جمع ڪرايو ويو آهي، عدالت چيوته موجوده ڪيس صرف قانوني طريقيڪار جي غلطي آهي جنهن کي درست ڪري سگهجي ٿو، عدالت چيو ته جاچ ڪندڙ اداري جي قانوني تشريح ۾ غلطي جي بنياد تي جوابدارن کي فائدونٿو ڏئي سگهجي . ايف آءِ اي ڪيس کي پوليس ڪيس طور سمجهيو وڃي.