شاگردياڻي نائلا رند ڪيس ۾ اهم موڙ، جوابدار انيس خاصخيلي آجو قرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل شاگردياڻي نائلا رند جي ڪيس ۾ جنم ٽيپ مليل جوابدار انيس احمد خاصخيلي جي سزا خلاف داخل اپيل منظور ڪندي ثبوت نه ملڻ تي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت واضع ڪيو ته جيڪڏهن انيس احمد ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هجي ته کيس فوري آزاد ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ معزز عدالت جي جج جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان 26 صفحن تي مشتمل فيصلو جاري ڪيو. ڪيس جي پراسيڪيوشن شڪ کان بالاتر ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت جوابدار خلاف ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي. نائلا رند جون تصويرون عام ڪرڻ جو ڪو ثبوت سامهون نه آيو آهي. عدالت آرڊر ۾ لکيو ته انيس خلاف فوٽو وائرل ڪرڻ جا ڪي ثبوت نه مليا آهن. جوابدار خلاف دهشتگردي قلم تحت ٽرائل ڪورٽ کيس جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي هئي. جنهن ڪيس مان جوابدار کي عدالت بري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like