روهت ۽ ڪوهليءَ جي واپسي، ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي سڀاڻي کيڏي ويندي

رمنگهم (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت جون نظرون ون ڊي سيريز ۾ واپسي تي کُتل آهن.
ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي 14 جولاءِ تي برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.
ڀارتي ٽيم لاءِ سڀ کان وڏي خوشخبري اڳوڻن ڪپتانن روهت شرما، ويرات ڪوهلي، جسپريت بُمرا، ڪي ايل راهول ۽ سُڀمَن گِل جي واپسي آهي.
ٻئي پاسي انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي کانپوءِ ساڳيو تسلسل ون ڊي فارميٽ ۾ به برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
انگلش ٽيم ۾ بين ڊڪٽ، جيڪب بيٿل، جوءِ روٽ، هيري بروڪ، جوس بٽلر، سيم ڪُرن، وِل جيڪس، جوفرا آرچر، ليئم ڊاسن، جوش ٽنگ ۽ عادل رشيد شامل آهن.
انگلينڊ خلاف پهرين ون ڊي لاءِ ڀارت جي امڪاني اليون ۾ سُڀمَن گِل (ڪپتان)، روهت شرما، ويرات ڪوهلي، شرياس اَئيَر، ڪي ايل راهول، اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر، ڪُلديپ يادو، ارشديپ سنگهه، پراسيڌ ڪرشنا ۽ گرنور برار شامل ٿي سگهن ٿا.
ميچ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ ڀارتي ڪپتان چيو ته تجربيڪار رانديگر دٻاءُ واري حالتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، ڇو ته هو اهڙين حالتن کي بهتر نموني منهن ڏيڻ ڄاڻن ٿا.

 

You might also like