ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ خانگي اسڪولن پاران فيس ۾ واڌ ۽ اضافي چارجز وصول ڪرڻ جو سخت نوٽيس وٺندي خبردار ڪيو آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ادارن جي رجسٽريشن معطل يا ختم ڪئي ويندي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز پروفيسر رفيعه ملاح سمورن خانگي اسڪولن جي سربراهن ڏانهن جاري ڪيل مراسلي ۾ چيو آهي ته کاتي کي شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه اسڪول رجسٽريشن اٿارٽي طرفان منظور ڪيل ٽيوشن فيس کان وڌيڪ رقم ۽ لڪل اضافي چارجز به والدين کان وصول ڪري رهيا آهن، مراسلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته رجسٽريشن اٿارٽي جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ ٽيوشن فيس کان علاوه ٻي ڪا به فيس وصول ڪرڻ سنڌ پرائيويٽ ايجوڪيشن انسٽيٽيوشنز رولز 2005ع جي کليل ڀڃڪڙي آهي، اهڙي عمل تي لاڳاپيل ادارن خلاف ڏنڊ سميت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، سمورن اسڪولن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صرف منظور ٿيل فيس وصول ڪئي وڃي، ان جا تفصيل اسڪول جي نوٽيس بورڊ ۽ ريسيپشن تي نمايان نموني لڳايا وڃن ۽ والدين جي گهرج تي ان جي ڪاپي پڻ فراهم ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت سڀني غير رجسٽرڊ ۽ غيرقانوني طور هلندڙ اسڪولن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 15 ڏينهن اندر پنهنجي رجسٽريشن لاءِ آن لائن درخواستون جمع ڪرائين، مراسلي ۾ چيو ويو ته مقرر ڪيل معيار ۽ سهولتون پوريون نه ڪندڙ اسڪولن کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو ويندو، جڏهن ته اهڙن اسڪولن کي بند ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن سان رابطو ڪيو ويندو ۽ اتي پڙهندڙ شاگردن کي ويجهن رجسٽرڊ اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويندو.