ٻٻرلوءِ )رپورٽ: سعيد احمد جتوئي) پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جو 15ڏينھن به ڌرڻو جاري، ڌرڻي ۾ سوشل ورڪر، اديبن، شاعرن، صحافين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ عام عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف جسقم بشير قريشي جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري پنھل ساريو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ ضلعي عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنھل ساريو ڌرڻي ۾ ويٺل معصوم ٻارڙن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته جسقم بشير قريشي جا سڀ مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن 16 ٻارڙن جي بازيابي تائين ھلندڙ ھر جدوجھد ۾ ساٿ ڏينداسين، حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن، جنھن سبب ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي 15 دڦ ڏينھن گذرڻ باوجود ڪو به منسٽر يا سرڪاري نمائندو لڙي به نه آيو آهي. حڪمرانن کي غفلت جي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مڪمل بند ڪرڻو پوندو. ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن، قومپرست ڪارڪنن ۽ سوشل ايڪٽيويسٽ ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن سھڻي پارس ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي ۾ ڳالھائيندي چيو ته ڏينھن 15 ڏينھن کان سڄي سنڌ گم ۽ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جا وارث 50 سينٽي گريڊ جي لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ تتل روڊ جي ڪناري تي ويٺا آهن ۽ بيحس حڪمران اي سي مان ٻاھر نڪري معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھن. اڳواڻن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ آرمي چيف کان مطالبو ورجائيندي چيو ته نياڻي پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ٿيل 16 ٻارڙن فضيلا سرڪي ،پريا ڪماري ،اُجالا سولنگي ،زينب سولنگي، صبا ڪلھوڙو سميت اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ وزير اعلي سنڌ، وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي اپيل ڪندي چيو ته معصوم ٻارڙن جي آزادي لاءِ وفاقي سطح جي ڪميٽي ٺاھي صاف شفاف انڪوائري ڪري معصوم ٻارڙن جي رھائي کي ممڪن بڻائي سگھجي. گم ٿيل ٻارن جي گھر ۾ اڄ به خاموش ماتم متل آهي مائرن جي سيني ۾ روز جي ڪربلا آهي ، سنڌ جي هر ماڻهو جي زبان تي هڪ ئي سوال ۽ حڪمرانن کان هڪ ئي ڊمانڊ آهي ته آخر انهن نياڻين کي زمين کائي وئي يا آسمان طرف اُڏامي ويون ؟،آخر هي بيچيني ڪڏهن ختم ٿيندي ته نياڻيون زنده به آهن يا نه ؟، سکر، ٺل ،ميھڙ، پنوعاقل ۽ تنگواڻي جون پنج نياڻيون اڄ به اغوا ڪارن وٽ قيد آھن، سرڪار پاران بار بار دلاسا ڪوڙيون دعوائون رھيون آھن ته اسان اغوا ڪارن جي ويجھو پھتا آھيون پر پوءِ به وڏو عرصو گذرڻ باوجود فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، زينب سولنگي، اجالا پروين سولنگي. صبا ڪلھوڙو کي اغوا ڪارن کان بازياب ناهي ڪرائي سگهي ، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل معصوم نياڻين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ نياڻين جي والدين سميت سڄي سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ،