سنڌ ۾ پرامن سياست جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي:نواز زئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته سنڌ ۾ پرامن سياست جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، سنڌ قومي تحريڪ جي رستا روڪ پرامن احتجاجن تي بندش ڪيس داخل گرفتارين ڪارڪن کنڀڻ سن جا رستا ڪرڻ سان قومي تحريڪ کي ڪمزور نٿو ڪري سگھجي، جيڪڏھن ڪي قوتون ڏاڍ ۽ جبر ظلم ڪري اھو اھو سمجھن ٿا ته سنڌ ۾ پرامن سياست جي رستا روڪ ڪرڻ سان قومي ڪارڪن ختم ٿي ويندي ته اھا کين ڀل آھي سنڌ پرامن جدوجھد ۾ يقين رکي ٿي سنڌي قومي پنھجن حقن جي لاءِ عملي طور تي جدوجھد ۾ رھندي درياھ پاڻي جي جدوجھد کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا پرامن احتجاجن جي رستا روڪ ڪئي وڃي، درياھ سنڌ جي دل آھي پاڻي سنڌين جو جياپو آھي درياھ وسيلن تي سنڌي قوم حق آھي، درياھ سنڌين جو وسيلا سنڌين جا جيڪي ڏاڍ جي بنياد تي کسڻ جو ڪوششون برداش نه ڪنداسين، ڪروڙين سنڌي درياھ وسيلن جي مالڪي ڪندا، بدين ۾ جيئي محاذ جي ريلي رستا روڪ جي مذمت ڪجي ٿي ۽ قومي پارٽي جي اڳواڻ فراز سنڌي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي ممتاز آريسر جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي.

 

You might also like