مينهن پوڻ کانپوءِ زمين مان ايندڙ خوشبو ته سڀ ڪنهن کي وڻندي آهي، اهو هٻڪار روح کي سڪون ڏيندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته مينهن پوڻ کانپوءِ اها خوشبو ايندي ڇو آهي؟ يا وري ان خوشبو کي چئبو ڇا آهي؟
مينهن کان پوءِ مٽيءَ مان ايندڙ خاص خوشبو کي سائنس ۾ ”پيٽريڪور” (Petrichor) چيو ويندو آهي. هي لفظ يوناني ٻولي جي ٻن لفظن مان ٺهيل آهي: "Petra” (پٿر) ۽ "Ichor” (ديوتائن جي رت لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ). اهو نالو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سائنسدانن رکيو.
پر سوال اهو آهي ته اها خوشبو پيدا ڪيئن ٿئي ٿي؟
جڏهن ڊگهي خشڪي کانپوءِ مينهن جا ڦڙا سڪل زمين تي ڪرن ٿا ته مٽيءَ ۾ موجود ڪجهه قدرتي مادا هوا ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. انهن مان سڀ کان اهم هڪ مادو Geosmin آهي.
جيوسمن (Geosmin) هڪ اهڙو ڪيميائي مرڪب آهي، جيڪو زمين ۾ رهندڙ ڪجهه ننڍڙن جاندارن، خاص طور Actinobacteria نالي بيڪٽيريا، جي سرگرمي سان ٺهندو آهي. هي بيڪٽيريا مٽيءَ ۾ نامياتي مادو ٽوڙڻ (decomposition) ۾ مدد ڪندا آهن.
جڏهن مينهن جا ڦڙا مٽيءَ تي ڪرن ٿا ته اهي ننڍڙا هوا جا ڦڙا ٺاهين ٿا، جيڪي مٽيءَ مان جيوسمن ۽ ٻيا خوشبودار مرڪب کڻي هوا ۾ ڦهلائي ڇڏين ٿا. اسان جو نڪ انهن مرڪبن کي محسوس ڪري ٿو ۽ اسان کي مينهن کان پوءِ اها وڻندڙ خوشبو محسوس ٿئي ٿي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انسان جو نڪ جيوسمن کي تمام ٿوري مقدار ۾ به سڃاڻي سگهي ٿي. ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته انسانن ۾ هن خوشبو کي سڃاڻڻ جي صلاحيت ارتقائي طور فائديمند رهي هوندي، ڇاڪاڻ ته اها پاڻي جي موجودگي يا زرخيز زمين سان لاڳاپيل قدرتي نشاني ٿي سگهي ٿي.
مينهن کانپوءِ اچڻ واري خوشبو ۾ رڳو مٽيءَ جو ڪردار ناهي، پر ٻوٽن مان نڪرندڙ تيل (Plant Oils) ۽ ماحول ۾ موجود ٻيا مرڪب به شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪي گڏجي ان انوکي خوشبو کي جنم ڏين ٿا.
ماڻهن کي اها خوشبو سڪون ڏيندڙ انڪري محسوس ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته ان خوشبو جو تعلق فطرت، تازگي ۽ پراڻين يادگيرين سان به جڙيل هوندو آهي.