ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آسٽريليا کان ٻاهر ميچ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 16هين سيزن جي افتتاحي ميچ 12 ڊسمبر تي ڀارت جي شهر چنائي جي ايم اي چدمبرم (چيپوڪ) اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
افتتاحي مقابلي ۾ ميلبورن رينيگيڊز دفاعي چيمپيئن پرٿ اسڪارچرز سان مهاڏو اٽڪائيندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند 2:40 وڳي شروع ٿيندي.
ميچ جو اعلان آسٽريلوي وزيراعظم اينٿني البانيز ڀارتي همنصب وزيراعظم نريندر مودي سان ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ گڏيل تقريب دوران ڪيو.
ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ان قدم کي ڪرڪيٽ ذريعي آسٽريليا ۽ ڀارت جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي بگ بيش ليگز جي جنرل مئنيجر اليسٽيئر ڊوبسن چيو ته بي بي ايل کي ڀارت آڻڻ سان دنيا جي وڏي ڪرڪيٽ مارڪيٽ ۾ ليگ جي مقبوليت، ناظرين ۽ مداحن جي دلچسپي ۾ نمايان واڌارو ٿيندو.
هن چيو ته ڀارت ۾ ڪرڪيٽ سان ماڻهن جو جذباتي ڳانڍاپو آهي ۽ اميد آهي ته هي آسٽريليا جي علائقائي راندين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ ميچ ثابت ٿيندي.
چنائي جي چيپوڪ اسٽيڊيم جي چونڊ بي سي سي آءِ ۽ آسٽريلوي اختيارين جي منظوري سان ڪئي وئي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ بي بي ايل جو وفد مئي مهيني ۾ اسٽيڊيم ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ چنائي جو دورو پڻ ڪري چڪو هو.
ان دوران، ميلبورن رينيگيڊز پنهنجي مردن جي ٽيم جون گهريلو ميچون 15 سالن کانپوءِ مارول اسٽيڊيم بدران ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سِي جِي) منتقل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
You might also like