”ايڇ آءِ وي جو ڦهلاءُ ۽ نائيٽ پارٽيز“: صحت واري وزير جو وڏو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ جي وڏن سببن مان هڪ نوجوانن جون رات واريون پارٽيون (نائٽ پارٽيز) آهن.

سينيٽ جي انساني حقن ۽ صحت بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ثمينه زهري ۽ عامر ولي الدين جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ”دي نيشنل پاپوليشن ڪوآرڊينيشن اينڊ ريپروڊڪٽو هيلٿ بل، 2026“ تي غور ڪيو ويو.

اجلاس دوران وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو ته نائيٽ پارٽين ۾ منشيات جي استعمال کان پوءِ نوجوانن ۾ جنسي سرگرمين ۾ واڌ به ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ جو هڪ اهم سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته نائيٽ پارٽين ۾ جيڪي سرگرميون ٿي رهيون آهن، انهن تي سخت ڳڻتي آهي.

مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته آبادي تي ضابطو آڻڻ واري معاملي تي وزيراعظم انتهائي سنجيدا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي اجلاس ڪري چڪا آهن. هن ٻڌايو ته وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وزير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي باقاعدي ڪم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي 82 سيڪڙو ورهاست آبادي جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب صوبن کي آبادي وڌائڻ لاءِ هڪ قسم جي ترغيب ملي ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪن ۾ اين ايف سي جهڙي ورهاست ۾ آبادي جو وزن صرف 17 سيڪڙو هوندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ جيڪو صوبو آبادي گهٽ ڪندو، ان جا فنڊ به گهٽجي ويندا آهن.

وفاقي وزير صحت چيو ته وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جي ڪوششن سان هاڻوڪو بجيٽ ۾ حمل روڪڻ وارين دوائن تي لاڳو سڀئي ٽيڪس ختم (زيرو) ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٽيڪسن جي خاتمي ۽ حمل روڪڻ وارن وسيلن جي سولائي دستيابي سان هر سال آبادي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک جي گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي.

مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال پيدا ٿيندڙ نون ڄاول ٻارن جو انگ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like