بي آءِ ايس پي مستحقن لاءِ ڊجيٽل والٽ مان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي فيس لاڳو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحقن لاءِ ڊجيٽل والٽ مان روم رقم ڪڍرائڻ تي 280 رپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته جيڪي مستحق ڊجيٽل والٽ ذريعي ادائيگيون حاصل ڪندا، تن کي روڪ رقم ڪڍرائڻ تي 280 رپيا فيس ادا ڪرڻي پوندي.
ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله چيو ته هي چارجز رڳو ان وقت لاڳو ٿيندا جڏهن مستحق پنهنجي ڊجيٽل والٽ مان روڪ رقم ڪڍرائيندا.
ان سان گڏ اِهو به واضح ڪيو ويو آهي ته ڊجيٽل والٽس جي وچ ۾ آن لائن فنڊز جي منتقلي ۽ حڪومت جي ”راست“ پيمنٽ سسٽم ذريعي ڪيل سموريون ٽرانزيڪشنز بنا ڪنهن چارجز جي بلڪل مفت هونديون.
اسٽيٽ بئنڪ هر ڇهن مهينن کانپوءِ ان چارجز جو اپڊيٽڊ شيڊيول جاري ڪندو ۽ ڊجيٽل والٽ سسٽم هيٺ گڏيل ڏيتي ليتي جا خرچ مستحق پاڻ برداشت ڪندا.
ڊپٽي گورنر ڪميٽي کي بئنڪن جي شموليت جي ٽائم لائن بابت ٻڌايو ته ٻه خانگي مائڪرو فنانس بئنڪ هن مهيني 16 جولاءِ ۽ 20 جولاءِ کان پنهنجا آپريشنز شروع ڪري رهيون آهن.
پروگرام ۾ شامل سمورا ڇهه بئنڪ 31 جولاءِ تائين هن سسٽم سان پنهنجي جڙڻ وارو عمل مڪمل ڪري وٺندا، جڏهن ته بي آءِ ايس پي مستحقن جي اڪائونٽس جي مڪمل ڊجيٽل منتقلي جو هدف 31 ڊسمبر مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like