ايران شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري آرام گاهه جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قبر جون تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪيون ويون آهن.
اڳوڻي ايراني رهبرِ اعليٰ علي خامنه اي ۽ سندس ڪٽنب جي چئن ڀاتين جي تدفين گذريل ڏينهن مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان ڪئي وئي هئي.
علي خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملن دوران شهيد ٿي ويا هئا. ان حملي ۾ سندس خاندان جا چار ڀاتي به شهيد ٿيا، جن ۾ سندس ڌيءَ بشريٰ خامنه اي، ڏوهٽي زهرا محمدي گلپايگاني، گهرواري زهرا حداد عادل ۽ ناٺي مصباح الهديٰ باقري ڪني شامل هئا.
ياد رهي ته پنهنجي پيءُ جي شهادت کانپوءِ ايران جو نئون سپريم ليڊر بڻجندڙ مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي پيءُ جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.

 

You might also like