واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا کان ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي آمريڪا قبول ڪري ورتو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ”ايران اسان کان ڳالهين کي جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي مون راضپو ظاهر ڪيو آهي.”
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هن ايران کي واضح طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته جنگ بندي ختم ٿي چڪي آهي.
ٻئي پاسي، عالمي خابرو اداري رائٽرز پنهنجي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته قطري ٽياڪڙ ايران ۾ موجود آهن، جتي هو ايراني اختيارين سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، سفارتي ڪوششن جو مقصد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين لاءِ رستو ڪڍڻ آهي.
You might also like