مرڻو ئي آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ تي مرنديس“، شيخ حسينه واجد جلاوطني ختم ڪري وطن واپسي جو اعلان

اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم جو ڊسمبر ۾ واپسي جو ارادو، گرفتاري يا قتل جو خدشو به ظاهر
لنڊن (ويب ڊيسڪ) اقتدار وڃائڻ کانپوءِ ڀارت فرار ٿي ويل بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد رضاڪاراڻي طور وطن واپسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي خابرو اداري کي ٽيليفونڪ انٽرويو ڏيندي شيخ حسينه واجد چيو ته هوءَ ۽ سندس پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ڊسمبر ۾رضاڪاراڻي طور بنگلاديش واپس وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.
هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته وطن واپسيءَ تي کيس گرفتار يا قتل به ڪري سگهجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن موت اچڻو ئي آهي ته هوءَ چاهي ٿي ته اهو سندس پنهنجي ڌرتيءَ تي اچي.
شيخ حسينه واجد وڌيڪ چيو ته وطن پهچڻ کانپوءِ عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته جلاوطني ختم ڪري واپسي واري منصوبي بابت ڍاڪا حڪومت سان سندس اڃا تائين ڪو به رابطو ناهي ٿيو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سخت دٻاءُ ۽ جبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ٻئي پاسي، بنگلاديش حڪومت جي ترجمان شيخ حسينه واجد جي بيان تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي.

 

You might also like