تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران جي صوبي هرمزگان جي شهر بندر عباس ۾ مهاڻن جي هڪ تنظيم جي بورڊ ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته تازن آمريڪي حملن دوران فشنگ جيٽي تي ٻه ميزائل ڪرڻ سبب مهاڻن جون 30 ٻيڙيون تباهه ٿي ويون.
فشرمينز ڪوآپريٽو جي بورڊ ميمبر موجب، 8 ۽ 9 جولاءِ تي ٿيل حملن دوران ٻه آمريڪي ميزائل فشنگ پيئر سان ٽڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون.
سندن جو چوڻ هو ته هڪ مهاڻي جي ٻيڙيءَ جي ماليت اٽڪل 11 هزار 100 آمريڪي ڊالر هئي ۽ انهن جي تباهي سبب مقامي مهاڻن کي وڏو مالي نقصان پهتو آهي.
You might also like