ايران-آمريڪا تازي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان سميت ٻيا ٽياڪڙ ميدان تي اچي ويا

اسلام آباد/واشنگٽن/دوحا(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙ ملڪن جون سفارتي ڪوششون جاري آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب، قطر، پاڪستان، مصر ۽ سعودي عرب جي اختيارين آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سان ٽيليفونڪ تي رابطا ڪري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل ٽيمن جي وچ ۾ ڳالهين جي ايندڙ دور لاءِ تاريخ طئي ڪرڻ بابت به سفارتي رابطا جاري آهن.

You might also like