ايران تي آمريڪي حملا، روس جو ردعمل اچي ويو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جو منصفاڻو حل ڳولڻ تي زور ڏنو آهي.
هن چيو ته ڪنهن به امڪاني معاهدي ۾ رڳو آمريڪا ۽ ايران نه، پر پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مفادن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.
لاوروف موجب، موجوده ڇڪتاڻ عالمي معيشت ۽ خطي جي امن تي به اثرانداز ٿي رهي آهي.

You might also like