ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 32 هزار 463 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 1200 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 70 هزار 744 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 14 ڊالر گهٽتائي بعد 4100 ڊالر تي پهچي ويو آهي.
You might also like