اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ اهم مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب، گريڊ 20 جي آفيسر رئيسه عادل، جيڪي هن وقت اطلاعات واري وزارت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيون هيون، تنهن کي فوري طور ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل / پرنسپل انفارميشن آفيسر (PIO)، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (PID)، اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب، اها مقرري فوري طور لاڳو ٿيندي ۽ ايندڙ حڪمن تائين برقرار رهندي،ان کان اڳ مبشر حسن ان عهدي تي مقرر هو جڏهن ته محمد شهزاد کي ڊي جي پريس انفارميشن ڊپارٽميٽ(پي آءِ ڊي)اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي.