پاڪستان ۾ معاشي ترقي اميد کان گهٽ،مهانگائي به وڌندي: ايشيائي بئنڪ

اسلام آباد (ع آ نيوز) ايشيائي ترقياتي بينڪ خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌندي ۽ معاشي ترقي جي شرح به هدف کان هيٺ رهندي. سراسري مهانگائي  جي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌي 8.3 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. هلندڙ مالي سال ۾ به معاشي ترقي 4 سيڪڙو هدف کان هيٺ رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ۾ ڏکڻ ايشيا جي مجموعي معاشي ترقي جو اندازو 6.0 سيڪڙو لڳايو ويو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ ايشيائي براعظم ۾ معاشي ترقي جي امڪانن بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب، هندستان جي معاشي ترقي جي شرح 6.6 سيڪڙو سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀوٽان ٻئي نمبر تي آهي، سريلنڪا جي معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو ۽ نيپال جي 3.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ مطابق افغانستان جي معاشي ترقي جي شرح 2.3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مالديپ جي معاشي ترقي جي شرح هڪ سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن جي معاشي ڪارڪردگي گهريلو سڌارن، سيڙپڪاري، برآمدات ۽ عالمي معاشي حالتن کان متاثر ٿيندي، جڏهن ته، خطي ۾ مجموعي ترقي جو رجحان جاري رهڻ جي اميد آهي. جولاءِ 2026 لاءِ ايشيائي ترقياتي آئوٽ لُڪ موجب، وچ اوڀر جي تڪرار جي ڪري عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ ڊگهي رڪاوٽن خطي جي معاشي صورتحال تي توقع کان وڌيڪ وزن رکيو آهي، پر 2027 لاءِ واڌ جي اڳڪٿي 5.1 سيڪڙو تي برقرار رکي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن دٻاءُ کي بتدريج گهٽائڻ سان معاشي سرگرمين ۾ بحالي جي اميد آهي.  علائقي جي مهانگائي جي شرح 2026 ۾ 4.3 سيڪڙو رهڻ جو اندازو آهي، جيڪو 2025 ۾ 3 سيڪڙو هو، جيڪو اپريل جي تخميني جي مقابلي ۾ 0.7 سيڪڙو پوائنٽ واڌ آهي، جڏهن ته 2027 لاءِ افراط زر جو اندازو 3.4 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. ايشيائي ترقياتي جي چيف اقتصاديات البرٽ پارڪ چيو آهي ته جيڪڏهن فريم ورڪ معاهدي کي پائيدار طريقي سان لاڳو ڪيو وڃي ته اهو عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ معمول جي صورتحال بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، پر هن عمل جي رفتار غير يقيني آهي ۽ اهم گهٽتائي جا خطرا آهن.

 

You might also like