بي آءِ ايس پي جي مستحق عورتن جي قسطن مان ڪٽوتي ڪندڙن جو داڻو پاڻي بند، 8 ڊيوائس هولڊر گرفتار

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحق عورتن جي في قسط مان 2 هزار رپيا ڪٽيندڙ 8 ڊيوائس هولڊرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر تي ڇاپو هنيو ، جتي ڊيوائس هولڊر غير قانوني طور مستحق عورتن جي قسط مان 1500 کان 2000 رپيا ڪٽي رهيا هئا.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 8 ڊيوائس هولڊرز کي گرفتار ڪري بائيو ميٽرڪ ڊيوائسز، 13 لک 86 هزار رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ اهم رڪارڊ هٿ ڪري قبضي ۾ ورتو ويو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن نشاندهي تي وڌيڪ جوابدارن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like