پير جو ڳوٺ ڀرسان ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، سس ۽ ننهن سوڌو 5 ڄڻا قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

پير جو ڳوٺ(ويب ڊيسڪ) پير جو ڳوٺ ڀرسان ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ سس ۽ ننهن سميت 5 ڄڻا قتل ۽ هڪ نينگري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڳوٺ اسحاق ناريجو ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڌر جا فتح محمد ۽ سندس پٽ راجا ناريجو مارجي ويا.
ان کانسواءِ ٻي ڌر جا سهراب ناريجو، جيجان ۽ سندس ننهن رابعه ناريجو به مارجي ويون.
فائرنگ واقعي ۾ نينگري علي رضا ناريجو سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پنجن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال آهي.
پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف ٿاڻن تان واڌو نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي.

 

You might also like