زيارت حملي خلاف بلوچستان ۾ احتجاج ، ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ ٻيو ڌرڻو، اڳواڻن حڪومت آڏو 3 مطالبا رکي ڇڏيا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽا ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل تازن واقعن خلاف احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي، ايئرپورٽ روڊ تي دهشتگردن جي حملن خلاف گذريل آچر کان جاري ڌرڻي کانپوءِ هاڻ ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ به هڪ نئون ڌرڻو شروع ٿي ويو آهي.
ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ زيارت ۾ مانگي ڊيم فيز ٿري جي اڏاوتي سائيٽ تي مقرر پوليس اهلڪارن جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل سومر تي اڻڄاتل هٿياربندن ان علائقي ۾ حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا ۽ 21 اهلڪار اغوا ڪيا ويا هئا، بعد ۾ اغوا ٿيل اهلڪارن کي قتل ڪري سندن مڙهه زرغون غر واري علائقي ۾ اڇلايا ويا هئا.
شهيد اهلڪارن جا لاش گذريل رات ڪوئٽا منتقل ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم کانپوءِ 13 اهلڪارن جا مڙهه تدفين لاءِ سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا، جڏهن ته باقي اٺن ڄڻن جا لاش ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو آهي.
ڌرڻي ڪميٽي جي رڪن عبدالفياض موجب، احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين حڪومت جا بااختيار نمائندا ڳالهين لاءِ نه ايندا. سندس چوڻ آهي ته زيارت کي ٻيهر مڪمل طور پرامن بڻايو وڃي، حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ واقعي ۾ غفلت ڪندڙ سرڪاري عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي ڪوئلا ڦاٽڪ جي علائقي ۾ گذريل آچر کان هڪ ٻيو ڌرڻو پڻ جاري آهي، جيڪو ڪوئٽا ويجهو هِنه اوڙڪ واري علائقي ببري ۾ ٿيل حملي خلاف هنيو ويو آهي، ان حملي ۾ پنج مقامي ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته 11 ڄڻا اغوا ٿيا هئا.
ان احتجاجي ڌرڻي ڪميٽي جي رڪن فرحان خان يوسفزئي چيو ته هو گذريل آچر کان پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو ويٺا آهن ۽ چاهين ٿا ته اختياريون ساڻن ڳالهيون ڪن.
هن چيو ته سندن ٽي بنيادي مطالبا آهن، هڪ علائقي مان اڻڄاتل هٿياربندن جو خاتمو، ٻيو 11 مغوين جي ترت بازيابي ۽ ٽيون حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي ڪئي وڃي.

 

You might also like