ٽيسٽ کانپوءِ بابر اعظم کي ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم کي تازو ئي ٻيهر ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهڙيون خبرون به سامهون آيون آهن ته کيس هڪ ڀيرو وري ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت ڏني پئي وڃي.
مختلف ميڊيا پليٽ فارمز طرفان ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته بابر اعظم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ٽيم جي قيادت بابت بدلجندڙ حڪمت عملين کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيس ٻنهي فارميٽن جي ڪپتاني ملي ٿي ته اها ٽيم ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش سمجهي ويندي، خاص طور تي ايندڙ عالمي مقابلن جي تياري جي سلسلي ۾.
ياد رهي ته بابر اعظم اڳ ۾ به ٽنهي فارميٽن ۾ ڪپتاني ڪري چڪو آهي، تنهنڪري هي قدم سندس قيادت تي بورڊ جي اعتماد جو وڏو اظهار هوندو.

 

You might also like