ايران ۾ ستن ڏينهن جو سوڳ ختم، شهيد آيت الله خامنه اي لکين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

تهران (ويب ڊيسڪ) شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تدفين سان گڏ ئي ايران ۽ پاڙيسري ملڪ عراق جي پنجن شهرن ۾ جاري ست ڏينهن وارو سرڪاري سوڳ واريون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويون، ستن ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنازي ۽ تعزيتي تقريبون مذهبي ۽ سياسي علامتن سان ڀرپور رهيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سوڳ جي آخري ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا.
مقامي ميڊيا موجب، هن ڀيري جلوس ايران جي مقدس ترين شهر مشهد ۾قائم امام رضا عليهه السلام جي روضي ڏانهن وڌيو، جيڪو سونهري گنبذ جي ڪري مشهور آهي ۽ اِها شهيد آيت الله خامنه اي جي جنم ڀومي پڻ آهي.
تقريبن ۾ شامل سندس حامين ۽ مذهبي پوئلڳن کي هٿن ۾ ايراني جهنڊا، تصويرون ۽ پلاند جي مطالبي وارا پلي ڪارڊ کنيل هئا.

You might also like