” ايران وڙهڻ لاءِ تيار آهي“ آمريڪي حملن کانپوءِ عباس عراقچي جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڳالهه ٻولهه

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران هن تازن آمريڪي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل 14 نڪاتي مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي قرار قرار ڏنو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سان فون تي ٿيل گفتگو ۾ عباس عراقچي آمريڪي فوج جي ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ خلاف خبردار ڪيو.
هن ملڪي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع لاءِ ايراني قوم ۽ ان جي هٿياربند فوج جي عزم ۽ ارادي تي زور ڏنو.
ٻئي پاسي عباس عراقچي ترڪي ۽ عمان ۾ پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ سمورين ڌرين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان سفارتڪاريءَ تي زور ڏنو.
عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته ترڪي ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن علائقائي مسئلن جي حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ” گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي.“

 

You might also like