”سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور“، نيب ڪرپشن جي جاچ ڪري:سنڌ قومي ڪانفرنس

دادو(رپورٽ :عزيز احمد ملڪ) دادو ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌ قومي ڪانفرنس پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ دادو ضلعي ڪاڇي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران منعقد ڪيل سنڌ قومي ڪانفرنس سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر ٻٽو نظام آندو پيو وڃي جنهن کي پهريان کان وڌيڪ طاقتور انداز ۾ روڪڻ جي ضرورت آهي،آئيني ترميم جي ذريعي وسيلي ناڻو، سمنڊ ، زمينون ٻين جي حوالي ڪيا پيا وڃن ، 26/27 آئيني ترميم وسيلي هنن پنهنجي مرضي جي عدالتون ٺاهي ڇڏيون آهن جيڪي اسان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بدران حڪمران جي ڌاڙن ۽  ڦرن جو تحفظ ڪري رهيو آهن،هن چيو ته سياست تي پابندي لڳائي وئي آهي،سنڌ اندر ناانصافي ۽ ظلم جي حڪومت هلي پئي ،نوجوانن کي قابليت جي حساب سان نوڪريون نه پيون ڏنيون وڃن،هن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين صرف ڪمپني سرڪار کي سنڌ حڪومت بچائڻ خاطر ڏني وئي آهي هاڻ سنڌ درياء تي ٻيهر ڊيم ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڪمپني سرڪار جي سهولتڪاري ۾ مصروف عمل آهي هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي زمين تي قبضا، سنڌو درياءُ تي ڌاڙو، نوان ڊيم، بئراج ۽ ڪينال ٺاهڻ، ڪارونجهر جي ڪٽائي، پيدواري وسيلن جي ڦرلٽ، سامونڊي بندن ۽ ٻيٽن تي قبضا، 28 ترميم، سنڌ جي عورت جي قتل عام خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي آهي ، جڏهن ته سنڌ قومي ڪانفرنس کي ڊاڪٽر سراج سيال،روشن ٻرڙو،نواز خان زئور،ثمر جتوئي،عبدالمومن ميمڻ،ڊاڪٽر بدر چنا،عاشق زئور،وڪيل ساجد مهيسر، سيد لالا شاھ،امتياز عمراڻي، ڪامريڊ نذير قريشي،منور جتوئي، خطاب ڪيو قومي ڪانفرنس ۾ 26 قرار دادون پيش منظور ڪيون ويون، 28 ترميم جي ذريعي سنڌ جي وحدت ۽ درياءَ تي ڪنهن به قسم جي يلغار قبول نه ڪئي ويندي،ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ واري سازش بند ڪئي وڃي ،بجيٽ ۾ عوام بدران اميرن کي رليف ڏنو ويو آهي اهڙي عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪجي ٿو،پيٽرول، ڊيزل ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ،صوبن کان کسيل مالي اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن،سنڌ ۾ 18 سالن کان پي پي پي حڪومت جي کربين رپين جي ڪرپشن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي ،26،27 ترميم پيڪا آرڊينسن نامنظورسنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي پنجاب جا سمورا فلڊ ۽ لنڪ ڪئنال بند ڪيا وڃن ،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ملڪ جي سياسي قيدين (عمران خان، علي وزير، ماهرنگ بلوچ، ايمان مزاري، هادي چنه، ڊاڪٽر ياسمين راشد وغيره) کي آزاد ڪيو وڃي، بلوچستان مان اغوا ٿيل دوست سعيد ميمڻ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ،سنڌ صوبو 75 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿو، پر پوءِ به 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي،عورتن ۽ ٻارن جي قتلِ عام بند ڪري، ڪاروڪاري ۽ ٻين سماجي ظلمن خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا وڃن، پريا ڪماري ۽ اجالا جي جلد بازيابي ڪرائي وڃي،سنڌ ۾ تعليمي صورتحال انتهائي خراب آهي،  صحت کاتي جي ناقص ڪارڪردگي سبب دوائن، خوراڪ ۽ علاج جي کوٽ سبب مريض سخت تڪليفون ڀوڳي رهيا آهن، صحت کاتي کي بهتر بڻائي اهل ۽ فرض شناس آفيسر مقرر ڪيا وڃن، سنڌ جي سمورن شهرن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، سنڌ ۾ منشيات جي لعنت ختم ڪئي وڃي،سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سيد زين شاهه، نور نبي راهوجو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، روشن ٻرڙو، مسرور شاهه ۽ ٻين تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي پينشن ۽ يونيورسٽي ملازمن جي معاشي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ، جيڪي اڪثريت راء سان منظور ڪيو ويو ،

 

You might also like