مرداڻي مسئلن جو اهم سبب دريافت

اڄ جي دور ۾ مرداڻا مسئلا تيزي سان وڌي رهيا آهن، مردن ۾ هن بيماري جا ڪيس تمام گهڻي انگ وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن.

هاڻي سائنسدانن مرداڻي مسئلن جي وڌندڙ ڪيسن جو هڪ اهم ممڪن سبب ڳولي لڌو آهي، ۽ اهو آهي هوائي گدلاڻ.

اها ڳالهه آمريڪا جي ميساچوسٽس يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

تحقيق موجب، هوا جي گدلاڻ سبب اهي جين غيرفعال ٿي وڃن ٿا، جيڪي مردن ۾ صحتمند اسپرم (نطفا) پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

ان کان اڳ به ڪيترين ئي تحقيقن مان خبر پئي آهي ته گدلاڻ وارن علائقن ۾ رهندڙ مردن ۾ ڪمزورين جي شرح وڌيڪ هوندي آهي، پر ان جو اصل سبب واضح نه ٿي سگهيو هو.

هن نئين تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته خراب هوا مردن جي واڌ ويجهه واري صحت ۽ انهن جي خلين تي ناڪاري اثر وجهي ٿي.

تحقيق دوران معلوم ٿيو ته خراب هوا سان متاثر مردن جي اهم جينن جي ڊي اين اي ۾ ڪيميائي تبديليون اچي وڃن ٿيون.

اهي تبديليون اهڙي سوئچ وانگر ڪم ڪن ٿيون، جيڪو جينز جي ڪم ڪرڻ واري عمل کي بند ڪري ڇڏي ٿو.

محققن جو چوڻ آهي ته هن دريافت مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوا جي گدلاڻ مردن جي واڌ ويجهه واري صحت کي متاثر ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊي اين اي ۾ تبديليون اچڻ سبب اسپرم ٺهڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان اهو سمجهڻ چاهيون ٿا ته هوا جي گدلاڻ مردن ۾ ڪمزورين جو خطرو ڪيتري حد تائين وڌائي ٿي.

عالمي صحت جي اداري (ڊبليو ايڇ او) اپريل 2023ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته دنيا جي لڳ ڀڳ 17.5 سيڪڙو بالغ آبادي کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ڪمزوري جو مسئلو پيش اچي ٿو.

اهي انگ اکر 1990ع کان 2021ع تائين ٿيل سئو کان وڌيڪ طبي تحقيقن تي ٻڌل آهن.

امير، وچولي آمدني وارن ۽ غريب ملڪن جي ڀيٽ مان خبر پئي آهي ته مرداڻا مسئلا دنيا جي هر علائقي لاءِ هڪ وڏو طبي چئلينج بڻجي چڪا آهن.

امير ملڪن ۾ مرداڻي مسئلن جي شرح 17.8 سيڪڙو، جڏهن ته وچولي ۽ غريب ملڪن ۾ 16.5 سيڪڙو آهي.

هڪ ٻي تحقيق موجب، هر ٽن اهڙي ڪيسن مان هڪ ڪيس مردن سان لاڳاپيل هوندو آهي.

سائنسدان هن مسئلي جي سببن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن خيال آهي ته ماحول ۾ موجود مختلف ڪيميائي مادا هن مسئلي ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، پر ان بابت اڃا تائين مضبوط سائنسي ثبوت محدود آهن.

هن نئين تحقيق ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ مردن کي شامل ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن تائين سندن واڌ ويجهه واري صحت ۽ ڊي اين اي ۾ ٿيندڙ تبديلين جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق مان خبر پئي آهي ته اوزون، نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ هوا ۾ موجود ٻيا انتهائي ننڍڙا گدلاڻ جا ذرڙا ڊي اين اي ۾ 39 اهم تبديليون پيدا ڪن ٿا، جيڪي مرداڻي مسئلن جو خطرو وڌائين ٿيون.

هن تحقيق جا نتيجا طبي جرنل هيومن ري پروڊڪشن ۾ ڇپيا آهن.

ان کان اڳ، سيپٽمبر 2024ع ۾ برٽش ميڊيڪل جرنل ۾ ڇپيل هڪ ٻي تحقيق ٻڌايو هو ته هوا جي گدلاڻ جا انتهائي ننڍڙا ذرڙا مردن ۾ ڪمزورين جا خطرا وڌائين ٿا.

ساڳئي تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو ته ٽرئفڪ جو وڌيڪ لُڙ 35 سالن کان مٿي عمر وارين عورتن ۾ به بي اولادي جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.

هن تحقيق ۾ 30 کان 45 سالن جي عمر وارن 5 لک 26 هزار مردن ۽ 3 لک 77 هزار کان وڌيڪ عورتن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

انهن مان گهڻا ماڻهو والدين بڻجڻ جا خواهشمند هئا، پر انهن ۾ بي اولادي جو خطرو پڻ وڌيڪ هو.

1995ع کان 2017ع تائين هوا جي گدلاڻ جي ذرڙن ۽ ٽرئفڪ جي لڙ جي وچين سطح جو رڪارڊ گڏ ڪيو ويو ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته تحقيق ۾ شامل ڪيترن ماڻهن ۾ ڪمزورين جي سڃاڻپ ٿي.

ان عرصي دوران 16 هزار 172 مردن ۽ 22 هزار 672 عورتن ۾ بي اولادي جي سڃاڻپ ٿي.

آمدني، تعليم، پيشو ۽ ٻين اهم عنصرن کي نظر ۾ رکڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته جيڪڏهن 30 کان 45 سالن جي عمر وارا مرد پنجن سالن تائين هوا ۾ گدلاڻ جي وڌيڪ سطح واري ماحول ۾ رهن، ته انهن ۾ بي اولادي جو خطرو 24 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي، انهن گدلاڻ جي ذرڙن سبب عورتن ۾ بي اولادي جو خطرو خاص نه وڌيو، پر جيڪڏهن 35 سالن کان وڌيڪ عمر واريون عورتون سراسري طور 10.2 ڊيسيبل وڌيڪ ٽرئفڪ جي لڙ ۾ پنج سال رهن، ته انهن ۾ بي اولادي جو خطرو 14 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.

هن کان گهٽ عمر وارين عورتن ۾ ٽرئفڪ جو شور بي اولادي جو خطرو نه وڌائيندو آهي ۽ نه ئي مردن جي واڌ ويجهه واري صحت تي ان جو ڪو خاص ناڪاري اثر ڏٺو ويو.

محققن جو چوڻ آهي ته هي هڪ مشاهدي تي ٻڌل تحقيق آهي، تنهنڪري هن وقت يقين سان اهو نٿو چئي سگهجي ته بي والادي جو سڌو سبب رڳو هوا جي گدلاڻ يا ٽرئفڪ جو لڙ ئي آهي. ان جي پڪي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like