شارجا کان پاڪستان واپسي دوران گم ٿيل ڪارگو جهاز جو ملبو ملي ويو، 5 ڄڻا لاپتا

ڪراچي/ڪوئيٽا(رپورٽر/م ڊ) شارجا کان پاڪستان واپسي دوران گم ٿيل خانگي ڪارگو جهاز جو ملبو سمنڊ مان ملي ويو آهي، جڏهن ته عملي جا 5 ملازم لاپتا آهن. جهاز جو ملبو اورماڙا جي ساحل کان 53 ناٽيڪل ميل ڏکڻ ۾ مليو، پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سمنڊ ۾ آپريشن دوران گم ٿيل جهاز جي ملبي جي ڳولا ڪئي. وڌيڪ ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ پاڪستان نيوي ۽ پي ايم ايس اي جا عملدار سرچ آپريشن ۾ مصروف آهن.  شارجا کان پاڪستان ايندڙ هڪ خانگي ڪارگو جهاز ڪراچي ويجهو سمنڊ مٿان اڏام ڪندي لاپتا ٿي ويو هو.پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) جي ترجمان نجي ڪمپني جي جهاز جي گم ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شارجه کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز جو اڏام دوران رابطو ختم ٿي ويو. جهاز ۾ عملي جا 5 ميمبر سوار هئا. رات 9:18 تي، جهاز رن وي G216 تي، ڪراچي کان 150 ميل  ڏکڻ ۾  نيويگيشن جي غلطي جو اطلاع ڏنو. ان دوران  جهاز کي ساڄي طرف رخ ڪندي ڏٺو ويو . رات 9 لڳي 21 منٽن تي جهاز ڪراچي کان 155 ميل اولهه طرف ريڊار تان غائب ٿي ويو.  سول ايوي ايشن اٿارٽي گم ٿيل پنجن پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي. اختيارين موجب، گم ٿيل ماڻهن ۾ ڪيپٽن محمد رضوان ادريس،  موري واسي فرسٽ آفيسر فيصل جتوئي، فلائيٽ انجنيئر محمد حامد ۽ محمد عارف صديقي ۽ لوڊ ماسٽر محمد توفيق خان شامل آهن.

 

You might also like