نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم مان اسٽار بيٽر سنجو سيمسن کي ٻاهر رکڻ واري فيصلي تي اڳوڻو ڪرڪيٽر محمد ڪيف، مشهور ڪمينٽيٽر هرشا ڀوگلي ۽ ٻين ڪرڪيٽ ماهرن سخت سوال اٿاريا آهن، جڏهن ته نوجوان بيٽر ويڀَو سوريا ونشي کي موقعو ڏيڻ بابت به بحث تيز ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد ڪيف چيو آهي ته سنجو سيمسن کي بار بار ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ مناسب فيصلو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ ”پليئر آف دي ٽورنامينٽ“ بڻجڻ باوجود کيس نظرانداز ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
ڪيف جو خيال آهي ته ڀارت کي اوپننگ ۾ کاٻڙيل ۽ ساڄڙيل بيٽرن جو ميلاپ برقرار رکڻ گهرجي، جنهن لاءِ سنجو سيمسن اهم رانديگر آهي.
هن چيو ته ويڀَو سوريا ونشي ۽ اڀشيڪ شرما مان ڪنهن هڪ کي ٽئين نمبر تي کيڏائڻ گهرجي.
ٻئي پاسي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير چيو ته سنجو سيمسن سان سندس مستقبل بابت واضح ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ٽيم ۾ جاءِ ڪارڪردگي ۽ صورتحال کي نظر ۾ رکي ڏني ويندي آهي ۽ هر رانديگر کي پنهنجي جاءِ پاڻ ڪمائڻي پوندي آهي.
واضح رهي ته سنجو سيمسن هلندڙ سال جي شروعات ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل شاندار اننگزون کيڏي ڀارت کي ٽائيٽل کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته کيس ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر پڻ قرار ڏنو ويو هو، ان کانپوءِ هن آءِ پي ايل ۾ به ٻه سينچريون اسڪور ڪيون.
ڪرڪيٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نوجوان رانديگر ويڀَو سوريا ونشي کي موقعو ڏيڻ مقصد هو ته ڪنهن ٻئي رانديگر کي آرام ڏنو وڃي ها، پر سنجو سيمسن کي بار بار ٽيم مان ڪڍڻ درست حڪمت عملي ناهي.
ڀارت جي راندين سينيئر صحافي ميناڪشي رائو جو چوڻ آهي ته سنجو سيمسن وٽ تجربو، ذهني مضبوطي ۽ ڪنهن به بيٽنگ پوزيشن تي کيڏڻ جي صلاحيت آهي، تنهنڪري کيس زمبابوي دوري لاءِ به اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها.
ڪرڪيٽ تجزيي نگار اياز ميمڻ چيو ته ڀارتي ٽيم هن وقت منتقلي واري مرحلي مان گذري رهي آهي، پر هر تبديلي دوران سنجو سيمسن جو ئي نالو اسڪواڊ مان ڪڍڻ مناسب روايت ناهي.
مشهور ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي به سليڪشن تي سوال اُٿاريندي چيو ته رڳو ٽن ناڪام اننگزن جي بنياد تي ”پليئر آف دي ٽورنامينٽ“ کي ڊراپ ڪرڻ غلط پيغام ڏئي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙو فيصلو ٻين رانديگرن جي اعتماد تي به اثر وجهي سگهي ٿو.