ليجنڊري سارو گنگولي جي جيون ڪهاڻي ” دادا“ جو فرسٽ لُڪ جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي جي سالگرهه جي موقعي تي سندس حياتيءَ تي ٺهندڙ بائيوپڪ ”دادا: دي سارو گنگولي اسٽوري“ جو فرسٽ لُڪ پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فلم ۾ مشهور بالي ووڊ اداڪار راجڪمار رائو سارو گنگولي جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
جاري ڪيل پوسٽر ۾ راجڪمار رائو کي 2002ع ۾ لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ جي بالڪوني مان سارو گنگولي جي تاريخي شرٽ لهرائڻ واري يادگار لمحي کي ٻيهر پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ خلاف نيٽ ويسٽ سيريز جي فائنل ۾ شاندار فتح کانپوءِ سارو گنگولي پاران شرٽ لهرائڻ وارو منظر ڀارتي ڪرڪيٽ جي نئين، بيباڪ ۽ جارحاڻي دور جي علامت طور ياد ڪيو ويندو آهي.
فلمسازن اعلان ڪيو آهي ته ”دادا: دي سارو گنگولي اسٽوري“14 مئي 2027ع تي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
ٽي سيريز ۽ ڊي بي ايل انٽرٽينمينٽ جي سهڪار سان ٺهندڙ هن فلم جي هدايتڪاري وڪرما ديتيا موٽواڻي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته لو رنجن ۽ انڪر گارگ فلم جا پروڊيوسر آهن.
فلم ۾ سارو گنگولي جي هڪ باصلاحيت نوجوان ڪرڪيٽر کان ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڪامياب ۽ بااثر ڪپتان بڻجڻ تائين جي سفر کي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like