انقرا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا گذريل رات ايران کي انتهائي سخت نشانو بڻايو،آمريڪا ايران تي اڄ رات ٻيهر سخت حملو ڪري سگهي ٿو.
نيٽو سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلينسڪي سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا شايد اڄ رات ٻيهر به سخت حملو ڪندو.
ٽرمپ موجب ”مون کين ٿورو اڳواٽ خبرداري ڏني هئي، اسان اڄ رات ٻيهر مٿن سخت حملو ڪرڻ وارا آهيون.“
آمريڪي صدر ان ڳالهه تي شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڇا آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه.
جنگ بندي جي ختم ٿيڻ بابت پنهنجي بيان کانپوءِ جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا ان جو مطلب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻيهر مڪمل جنگ جي شروعات آهي، ته ٽرمپ ان جو سڌو جواب نه ڏنو.
ان کانسواءِ هن ايران تي معاهدي جي روزاني بنياد تي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ”اهي آئي ڏينهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، هو ڪوڙا ۽ دوکيباز آهن.“
ٽرمپ چيو ته ” معاهدي تحت اهي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهندا، پر مون کي خبر ناهي ته ڪو معاهدو ٿي به سگهندو يا نه. ممڪن آهي ته اسان بنا ڪنهن معاهدي جي ئي اهو ڪم ڪري وٺئون، سچ پڇيو ته ائين ڪرڻ وڌيڪ سولو آهي.“
ٽرمپ چيو ته هو ايران مان خوش ناهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي موقف ورجايو ته تهران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.
هن اِهو به چيو ته ”منهنجو سڄو معاملو حڪومت جي تبديلي بابت ناهي.“
ٽرمپ موجب، آمريڪا ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي حوالي سان گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي. آ
مريڪي صدر اِها دعويٰ به ڪئي ته ايران هاڻي وچ اوڀر ۾ اڳ جهڙو بااثر ۽ طاقتور ڌر ناهي رهيو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني قيادت بابت پنهنجو اڳوڻو تبصرو ورجايو ۽ کين ”ٿڙيل“قرار ڏنو.