اٽلانٽا (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 16 ۾ ارجنٽينا هٿان 3-2 جي شڪست کانپوءِ مصر جي فٽبال ٽيم انتظاميا ۽ رانديگرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ٻن گولن جي سرسي هئڻ باوجود ميچ هارائڻ تي مصري ڪوچ حسام حسن ۽ رانديگرن ان کي فيفا جي ناانصافي قرار ڏنو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مصري ڪوچ حسام حسن چيو ته ميدان جي اندر ۽ ٻاهر گهڻو ڪجهه اهڙو ٿيو جنهن تي سوال اُٿن ٿا. هن چيو ته هي سمورو عمل منفي هو ۽ احتساب جي ضرورت آهي، شايد هو(فيفا) دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي ٽورنامينٽ ۾ برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ اِهو نه ٿا چاهين ته ميسي مقابلي مان ٻاهر ٿئي.
حسام حسن وڌيڪ چيو ته مصري ٽيم سان کليل ناانصافي ڪئي وئي، اسان جي هڪ پينلٽي نه ڏني وئي جنهن کي وڊيو تي ڏٺو ئي نه ويو، جڏهن ته اسان جو هڪ گول به رد ڪيو ويو.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن زندگي منصفاڻي ناهي ته ڇا راند ۾ به انصاف نه هئڻ گهرجي؟
مصر جي رانديگر زيزو پڻ ريفريز جي ڪارڪردگي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته ريفريز جا فيصلا غير منصفاڻا هئا.
هن چيو ته ناانصافي ميچ شروع ٿيڻ کان ئي واضح هئي، اسان کي اهو يقين ئي نه پيو اچي ته اسان سان ڇا ٿيو آهي.
تڪراري فيصلا ڪهڙا هئا؟
رائونڊ آف 16 ۾ ارجنٽينا خلاف مصر جي ٽيم کي 2-0 جي سرسي تي هئي، جنهن دوران مصطفيٰ زيزو هڪ شاندار گول ڪيو، پر وي اي آر ان کي فائول قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته مارون عطيه جو مارٽينز جي شرٽ کي هلڪو ڇُهڻ ايڏو وڏو فائول نه هو جو گول رد ڪيو وڃي.
ان کانسواءِ ارجنٽينا جي فيصلائتي گول کان ٿورو اڳ، مصر جي اسٽار رانديگر محمد صلاح کي پينلٽي باڪس اندر جوليان الواريز ٽرپ ڪيو، پر ريفري نه رڳو پينلٽي نه ڏني پر وي اي آر به ان جو جائزو نه ورتو.
مصري ٽيم ۽ مداحن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ريفريز جو رويو منصفاڻو هجي ها ته نتيجو مختلف ٿئي پئي سگهيو ، پر فيفا جي فيصلن مصر جي ورلڊ ڪپ جو سفر وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو.