نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي روز گارڊن ۾ ٿيل مانجهاندي دوران مشهور آمريڪي ريپر نڪي مناج جي لفظي واکاڻ ڪندي کيس نهايت باصلاحيت، باوقار ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت قرار ڏنو آهي، سندس رمارڪس تقريب جي شرڪت ڪندڙن سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به خاص ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.
پنهنجي خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته تقريب ۾ هڪ اهڙي عورت به موجود آهي جنهن کي هو نهايت احترام جوڳو، پُرڪشش ۽ بهترين دوست سمجهي ٿو.
هن چيو ته هو کيس قدامت پسند جي بدران ”عقلِ سليم جي حامي“ چوڻ پسند ڪندو، ڇاڪاڻ ته هو نڪي مناج کي هڪ غير معمولي صلاحيتن واري شخصيت سمجهي جنهن جو هر ڪو احترام ڪري ٿو.
ٻئي پاسي نڪي مناج به تقريب کانپوءِ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي وائيٽ هائوس ۾ ورتل تصويرون شيئر ڪيون.
تصويرن سان گڏ هن پاڻ کي ”وائيٽ هائوس باربي“ قرار ڏنو، جنهن تي سندس مداحن پاران تبصرا ڪيا پيا وڃن.
رپورٽن موجب، نڪي مناج تازو ئي ارڪا ڪرڪ جي حمايت جو به اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي ماڻهن کي اميد ڏني آهي.
ان کانسواءِ ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ اِها دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي ته نڪي مناج کي ٽرمپ جو ”گولڊ ڪارڊ“ ڏنو ويو آهي، جنهن ذريعي کيس آمريڪي شهريت حاصل ٿي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ڪنهن سرڪاري سطح تي باضابطا تصديق سامهون نه آئي آهي.