وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ختم ڪرڻ جي منظوري، ٻوڏ متاثر ڪڻڪ جا ذخيرا به نيلام ٿيندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڊسمبر تائين پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پاسڪو) کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا پاسڪو جي ملازمن لاءِ مالي پيڪيج جي به منظوري ڏني آهي، جنهن تحت ملازمن لاءِ 4 ارب 18 ڪروڙ رپين جو پيڪيج منظور ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاسڪو ۾ ريگيولر ملازمن جو انگ لڳ ڀڳ 1100 آهي.
ذريعن موجب، ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڪڻڪ جا ذخيرا پڻ نيلام ڪيا ويندا.

You might also like