وفاقي ڪابينا 2027-2030ع جي حج پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين جي حج پاليسي ۽ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ڪابينا کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نئين حج پاليسي تحت حج جي خواهشمند شهرين کي 2030ع تائين ڪنهن به سال لاءِ اڳواٽ حج رجسٽريشن ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ان پاليسي تحت ترجيحي ويٽنگ لسٽ پڻ تيار ڪئي ويندي.
بريفنگ موجب، شرعي اصولن تحت حج لاءِ سيونگ اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن ذريعي مستقبل ۾ حج تي وڃڻ جا خواهشمند ماڻهو بچت ڪري ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حج جي سموري نظام کي جديد تقاضائن موجب مڪمل طور ڊجيٽل بڻايو پيو وڃي.
وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته حج مددگارن جي مقرري مڪمل شفافيت ۽ خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي حج انتظامن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن پڻ لازمي بڻائي وڃي.

 

You might also like