بيجنگ(عوامي آواز نيوز)چين ۾ هڪ سرڪاري آفيسر کي 325 ملين آمريڪي ڊالر (ٻه ارب يوان) رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.چين جي هڪ عدالت نانجنگ جي اڳوڻي اقتصادي ترقياتي عملدار يانگ يولين کي لڳ ڀڳ 30 سالن دوران 325 ملين آمريڪي ڊالر رشوت وٺڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي.عدالتي فيصلي موجب، 1993ع کان 2023ع تائين يانگ يولين منصوبن جي منظوري، ڪاروباري سهولتن، زمين جي الاٽمينٽ ۽ سيڙپڪاري فراهم ڪرڻ جي بدلي ۾ وڏي پئماني تي رقمون ۽ قيمتي اثاثا وصول ڪيا.عدالت کيس رشوت وٺڻ، سرڪاري فنڊن ۾ خردبرد، رشوت وٺڻ، عوامي ناڻي جي غلط استعمال، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ مني لانڊرنگ جي ڏوهن ۾ پڻ ڏوهاري قرار ڏنو.عدالت موجب، جوابدار پنهنجي آخري بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي پشيماني جو اظهار ڪيو.عدالت يانگ يولين جي سموري ذاتي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ رشوت طور ورتل مڪمل رقم واپس ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.