اٽلانٽا (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 32 ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ مصر جي هيڊ ڪوچ حسام حسن گرائونڊ ۾ فلسطين جو جهنڊو لهرائي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جنهن کي سوشل ميڊيا تي وڏي موٽ ملي رهي آهي.
پري ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽينا خلاف اهم مقابلي کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي حسام حسن پنهنجي عمل جو ڀرپور دفاع ڪيو ۽ چيو ته ”جيڪو شخص فلسطيني عوام جي تڪليف محسوس نٿو ڪري، اهو انسان ناهي.“
هن چيو ته فلسطيني کليل آسمان هيٺ ۽ خيمن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جتي کين خوراڪ جي کوٽ، بيمارين ۽ ٻين سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ پوري قوم کي اهڙي صورتحال ۾ اڪيلو ڇڏڻ نه رڳو عرب دنيا، پر سڄي دنيا ۽ فيصلا ڪندڙن لاءِ شرم جوڳو عمل آهي.
حسام حسن چيو ته هزارين ٻارن ۽ عورتن جي قتل تي خاموش رهڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري هن فلسطين جو جهنڊو لهرائي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
هن فيفا، رانديگرن ۽ عالمي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته فٽبال کي فلسطيني عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور استعمال ڪيو وڃي.
اٽلانٽا ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران سندس بيان تي موجود ڪيترن ئي صحافين تاڙيون وڄائي سندس موقف جي واکاڻ ڪئي.
ٻئي پاسي، فيفا واضح ڪيو آهي ته آسٽريليا خلاف مصر جي فتح کانپوءِ فلسطين جو پرچم لهرائڻ ٽورنامينٽ جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ناهي، ڇاڪاڻ ته فلسطين فيفا جي 211 ميمبر تنظيمن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
فيفا اهو به واضح ڪيو ته حسام حسن جو عمل ورلڊ ڪپ جي ضابطن موجب ڪنهن به منع ٿيل سياسي مظاهري جي دائري ۾ نٿو اچي، تنهن ڪري سندس خلاف ڪا به کاتي جي ڪارروائي نه ڪئي ويندي. جڏهن ته ان فيصلي تي ڪجهه اسرائيلي حلقن تنقيد پڻ ڪئي آهي.
You might also like