ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر شاپور زدران ڪينسر سان جهيڙيندي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ شاپور زدران جي وفات جي تصديق ڪندي سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
بورڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”شاپور زدران افغانستان ڪرڪيٽ جي شروعاتي دور جي اهم رانديگرن مان هڪ هو، سندس جنازي جي نماز بابت اعلان وارثن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو.“
ياد رهي ته شاپور زدران ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ ڀارت جي هڪ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي افغانستان جي ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن سندس عيادت پڻ ڪئي.
شاپور زدران پنهنجي بين الاقوامي ڪيريئر دوران افغانستان جي نمائندگي ڪندي 44 ون ڊي ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون.
You might also like