ڪراچي کي پيرس بڻائڻ جا دعويدار 18 سالن ۾شهر کي پاڻي به نه ڏئي سگهيا: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي کي پيرس بڻائڻ جون دعوائون ڪندڙ 18 سالن ۾ به شهر کي پائپ لائنن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
هڪ بيان ۾ شاهد خاقان عباسي سوال اٿاريو ته جيڪڏهن شهر ۾ ٽينڪرن ذريعي پاڻي پهچي سگهي ٿو ته پوءِ اهو پائپ لائنن ذريعي ڇو نٿو پهچائي سگهجي؟
هن چيو ته حڪمرانن جي نيت ئي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ناهي، جنهن سبب بنيادي سهولتن جي فراهمي به يقيني نه بڻجي سگهي آهي.
شاهد خاقان عباسي زور ڀريو ته ملڪ جي مسئلن جو مستقل حل ننڍن انتظامي يونٽن ۽ مضبوط بلدياتي نظام ۾ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رڳو وزيراعظم جي رهڻ يا وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو، جيستائين نظام ۾ بنيادي سڌارا نه ايندا ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ تبديلي نه آندي ويندي، تيستائين ملڪي معاملا بهتر نموني نٿا هلي سگهن.

 

You might also like