ڪراچي(رپورٽر) اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي 5 جولاءِ ، يومِ سياه جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي، جڏهن عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪيو ويو.هن چيو ته اهو ڏينهن قوم کي جمهوريت تي حملي، آئين جي پامالي ۽ عوامي مينڊيٽ جي بي حرمتيءَ جي ياد ڏياري ٿو. صوبائي وزير چيو ته يومِ سياه ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته جمهوريت ئي عوامي مسئلن جي حل، قومي ترقي، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ رياستي استحڪام جي ضامن آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ گواهه آهي ته غير جمهوري قدمن هميشه ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي نقصان رسايو، جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪيو ۽ قومي ٻڌيءَ کي نقصان رسايو.هن چيو ته 5 جولاءِ جو ڏينهن ان عزم کي ورجائڻ جي گهر ڪري ٿو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن، پارليامينٽ، آئين، قانون جي حڪمراني، انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به غير آئيني قدم کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته اسان کي ماضيءَ جي تلخ تجربن مان سبق حاصل ڪندي برداشت، ڳالهين (مڪالمي)، قومي هڪجهڙائي، هڪٻئي جي احترام ۽ جمهوري روايتن کي ھٿي وٺرائڻي پوندي ته جيئن ايندڙ نسلن کي هڪ مضبوط، پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته جمهوري پاڪستان ڏئي سگهجي.هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابديءَ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو هڪ اهڙو المناڪ ڏينهن آهي جنهن آئيني نظام، عوامي اختيار ۽ جمهوري تسلسل کي سخت نقصان رسايو.اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته جڏهن به غير آئيني قدمن ذريعي عوام جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو، ان جا اثر رياستي ادارن، قومي ٻڌيءَ ۽ جمهوري ارتقا تي پيا.هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد صرف آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي حقِ حڪمراني جي احترام تي ئي رکي سگهجي ٿو. تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته جمهوري نظام ئي قومي استحڪام، سياسي برداشت ۽ پائيدار ترقيءَ جي ضمانت فراهم ڪندو آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان جو روشن مستقبل صرف ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي جڏهن آئين جو احترام، جمهوري ادارن جو استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ هر شهريءَ جي برابري وارن حقن کي هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي بين الصوبائي رابطي ۽ ڪوآپريٽو کاتي بابت صلاحڪار سردار احسان الرحمان مزاري 5 جولاءِ ”يومِ سياه“ (ڪاري ڏينهن) جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جڏهن عوام جي ووٽ سان چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو.
هوريت، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي مينڊيٽ جو احترام ئي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ ترقي يافته پاڪستان جو بنياد آهن. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي ته غير آئيني قدمن هميشه قومي ادارن، معيشت، سياسي استحڪام، وفاقي يڪجهتي ۽ جمهوري عمل کي نقصان پهچايو. قومي ترقيءَ جو رستو صرف آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي فيصلن جي احترام سان ئي سڌو ٿي سگهي ٿو.سردار احسان الرحمان مزاري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ آمريت ۽ غير جمهوري قوتن خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي آهي ۽ جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.