اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ شامل ليوي، ٽيڪس ۽ مارجن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن. هڪ ليٽر پيٽرول تي ڪل 118.76 رپيا جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 110.65 رپيا گڏ ڪيا پيا وڃن. دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي قيمت 178.77 رپيا آهي، جڏهن ته، حڪومت شهرين لاءِ في ليٽر قيمت 297.53 رپيا مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ پيٽروليم ليوي جي طور تي 70.36 پئسا، ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي طور تي 5 رپيا، ڪسٽم ڊيوٽي جي طور تي 19.33 پئسا، ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن جي طور تي 6.86 پئسا، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي مارجن جي طور تي 7.87 پئسا ۽ ڊيلرز جي مارجن جي طور تي 8.64 پئسا شامل آهن. ساڳئي طرح، في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي قيمت 198.85 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت شهرين لاءِ ان جي قيمت 309.50 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. دستاويز موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ڪل 110.65 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجن جي طور تي گڏ ڪيا پيا وڃن.