ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي لائينز ايريا ۾ 15 ورهين جي ڇوڪري سان جنسي زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پهرين جولاءِ تي 15 ورهين جي ڇوڪري سامان وٺڻ لاءِ وئي هئي. پاڙي جي حجم مبشر کيس پئسن جو لالچ ڏئي گهر وٺي ويو، جتي ساڻس جنسي زيادتي ڪئي وئي. ڇوڪري جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه ڇوڪري سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي آهي.
هن چيو ته ڇوڪري اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جنهن کي اڄ ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
پوليس سرجن موجب ڇوڪري ۽ جوابدار جا نمونا ڊي اين اي جاچ لاءِ موڪليا ويا آهن.