سائنسدانن عالمي گرمي ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سج جي روشني گهٽ ڪرڻ واري تڪرار اسٽريٽوسفيرڪ ايروسول انجڪشن (SAI) منصوبي بابت نوان خدشا ظاهر ڪيا آهن.
ماهرن موجب هن منصوبي تحت هوا جي مٿئين حصي ۾ باريڪ ايروسول ذرڙا ڇڏيا ويندا ته جيئن سج جي گرمي جو ڪجهه حصو واپس خلا ۾ موٽي وڃي، پر ان سان ماحول ۽ انساني صحت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا.
رٽگرس يونيورسٽي جي محققن خبردار ڪيو آهي ته سلفيورڪ ايسڊ جي قطرن مان ٺهندڙ سلفيٽ ذرڙا ڪمرشل جهازن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا، جڏهن ته مسافرن کي زهريلي ڪيميڪلن جي نقصانڪار مقدار کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
تحقيقي ٽيم جي سربراهه ايلن رونوڪ موجب اسٽريٽوسفير ۾ برسات نه ٿيڻ سبب اهي زهريلا ذرڙا زميني فضا جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 50 ڀيرا وڌيڪ عرصو موجود رهي سگهن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ (SO₂) هڪ اهڙو ڪيميائي مادو آهي جيڪو ساهه جي نلين کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿو، ۽ ان جي وڌيڪ مقدار کنگهه، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، گهرگهرائڻ ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ڪولمبيا ڪلائيميٽ اسڪول جي محققن به خبردار ڪيو آهي ته اسٽريٽوسفيرڪ ايروسول انجڪشن ذريعي سج جي روشني گهٽائڻ سان دنيا جي موسمي نظام ۾ ناقابل واپسي تبديليون اچي سگهن ٿيون.
تحقيق موجب زمين جي گرمي پد ۾ لڳ ڀڳ 0.6 کان 1 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽتائي آڻڻ لاءِ فضا جي مٿئين حصي ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ويهه لک ٽن سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏڻي پوندي.