ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ)ڪنڌڪوٽ جي شاهي واهه ۾ هڪ وين ڪرڻ سبب 4 ماڻهو ٻڏي ويا.
پوليس موجب مقامي ماڻهن واهه ۾ ڪريل وين مان ٻن زخمي ٻارن کي محفوظ ٻاهر ڪڍي ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ٻار ۽ هڪ نوجوان تيز وهڪري سبب گم آهن، جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.