دنيا جا طاقتور ترين پاسپورٽ، برطانيا ٽاپ ٽين ۾ شامل، آمريڪا ٻاهر

برطانيا دنيا جي طاقتور ترين ڏهه پاسپورٽن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪا ٽاپ ٽين مان ٻاهر ٿي ويو.

گلوبل پاسپورٽ انڊيڪس 2026ع جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 197 ملڪن ۽ علائقن جي پاسپورٽن جي درجابندي ڪئي وئي آهي.

هن درجابندي ۾ سفر جي آزادي، سيڙپڪاري ۽ زندگي جي معيار جهڙن ٽن اهم عنصرن جي بنياد تي پاسپورٽن جي طاقت جو جائزو ورتو ويو آهي.

سوئيڊن 96.5 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته افغانستان 72.95 پوائنٽن سان آخري نمبر تي آهي.

رپورٽ موجب برطانيا جو نيرو پاسپورٽ اٺين پوزيشن تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 2021 ۽ 2022ع ۾ ستون ۽ 2024ع ۾ ڇهون نمبر هو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بريگزٽ کانپوءِ سفري سهولتن جي حوالي سان برطانيا پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين کان پوئتي رهجي ويو آهي.

سوئٽزرلينڊ ٻئي، فن لينڊ ٽئين، جرمني چوٿين، نيدرلينڊ پنجين، ڊينمارڪ ڇهين، جڏهن ته آئرلينڊ، برطانيا، ناروي ۽ سنگاپور به ٽاپ ٽين ۾ شامل آهن.

آمريڪا، جيڪو 2021ع ۾ پهرين نمبر تي هو، هاڻي ٻارهين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like