ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي صحت کاتي صوبي جي سمورين سرڪاري ڊسپينسرين جو انتظام هڪ سرڪاري فنڊ سان هلندڙ غير سرڪاري اداري حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي ان حوالي سان صوبي جي سڀني ضلعي هيلٿ آفيسرن ڏانهن باقاعده مراسلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
مراسلي موجب صوبي جي سڀني سرڪاري ڊسپينسرين جا انتظامي معاملا هاڻي سرڪاري فنڊ سان هلندڙ غير سرڪاري اداري جي حوالي ڪيا ويا آهن.