ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اِي جي جنازي نماز ادا، 100 ملڪن جا وفد ۽ لکين ماڻهو شريڪ

ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ سندس خاندان جي چئن فردن جي جنازي جي نماز تهران ۾ ادا ڪئي وئي.

ايراني ميڊيا موجب آيت الله جعفر سبحاني شهيد ايراني سپريم ليڊر جي جنازي جي نماز پڙهائي.

آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان، اسپيڪر باقر قاليباف ۽ ٻيا ڪيترائي اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا.

شهيد ايراني سپريم ليڊر جي جنازي ۾ 100 ملڪن جي وفدن سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.

جنازي واري هنڌ ۽ تهران جي گهٽين ۾ ڪارا ڪپڙا پهريل سوڳوار، انتقام ۽ انصاف جي علامت طور ڳاڙها جهنڊا لهرائيندي، پنهنجي شهيد رهبر کي الوداع چيو.

سڀاڻي صبح جنازي جو جلوس تهران کان قم روانو ٿيندو. تدفين کان اڳ آيت الله علي خامنه اي جو جسد عراق جي شهرن نجف ۽ ڪربلا پڻ نيو ويندو، جڏهن ته کين مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي هن سال 28 فيبروري تي گڏيل حملي ۾ آيت الله خامنه اي جي شهادت کان پوءِ، 8 مارچ تي يعني لڳ ڀڳ هڪ هفتي اندر نئين سپريم ليڊر جو چونڊ ڪيو ويو هو، پر شهيد سپريم ليڊر جي فوري تدفين نه ڪئي وئي هئي.

You might also like