واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آيت الله خامنه اي جي جنازي تي ايراني ماڻهن کي روئيندي ڏسي کيس حيرت ٿي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس جي هڪ صحافي سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته، ”مان سمجهندو هئس ته ماڻهو هن کان نفرت ڪندا آهن، يا شايد اهي ڏيکاءَ جا ڳوڙها به ٿي سگهن ٿا“.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا چاهي ته ان موقعي تي گڏ ٿيل سموري ايراني قيادت کي هڪ ئي حملي ۾ ختم ڪري سگهي ٿو، پر ائين ان ڪري نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته پوءِ ڳالهين لاءِ ڪو به نه بچندو.
ٻئي پاسي، آمريڪا جي 250هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي عوام ڪنهن کي به پنهنجي آزادي کسڻ نه ڏيندا. هن چيو ته آمريڪي دنيا جا سڀ کان بهادر ۽ بهترين ماڻهو آهن.
آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ۾ هر ڪنهن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، آمريڪا سڄي دنيا لاءِ اميد جي هڪ ڪرڻ آهي، ۽ اسان ڪڏهن به آمريڪا کي ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو، ”مون کي ٽئين مدي بابت ڳالهائڻ گهرجي، پر مان ائين نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته مان ڪو تڪرار نٿو چاهيان. اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. وينزويلا کي ڏسو، ايران کي ڏسو، اسان ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. آمريڪا وٽ دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج موجود آهي“.