تهران (ويب ڊيسڪ)تهران ۾ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان حماس ۽ حزب الله جي وفدن ملاقات ڪئي آهي.
عرب ميڊيا موجب ملاقات دوران عباس عراقچي اسرائيلي جارحيت خلاف ايران جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
حزب الله جي وفد سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته مفاهمتي يادداشت موجب لبنان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.